شاعري ڳالهائي ٿي

شاعري ڳالهائي ٿي

شاعري ڳالهائي ٿي

شاعري ڳالهائي ٿي (ڪتاب): ڪلاسيڪل ۽ جديد سنڌي شاعرن جي شاعري ۽ تعارف تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ غلام مصطفيٰ سولنگي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي سميت 113 شاعر شامل آهن. هن ڪتاب جي مهڙ ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، استاد بخاري، طالب الموليٰ، نياز همايوني، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، تاج بلوچ، محسن ڪڪڙائي، عبدالڪريم ارشد، مير محمد پيرزادو، مقصود گل، سرمد چانڊيو، عبدالغفار تبسم، بيدل مسرور ۽ ٻين شاعرن جو چونڊ ڪلام شامل ڪيو ويو آهي. جنهن بعد الف ب وار شاعر شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو جديد سنڌي شاعريءَ متعلق هڪ مقالو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ مرتب خود لکيو آهي. ڪتاب ۾ هر شاعر جي شاعريءَ سان گڏ شاعر جو تعارف، تصوير ۽ موبائل نمبر ڏنل آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ شامل شاعرن جون رنگين تصويرون ڏنل آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نامور شاعر امداد حسينيءَ جو رايو شامل آهي.ڊيمي سائيز جي 512 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي پڪي جلد سان، سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد، نومبر 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو